جان محمد عباسي فدا

جان محمد عباسي فدا: شاعر جان محمد عباسيءَ جو جنم 1882ع ڌاري تعلقي ڪڪڙ لڳ ڳوٺ ٻورڙي ۾ ٿيو. ورنيڪيولر فائينل ۽ ٽي سال ٽريننگ جا پاس ڪيائين. تعليم جي حصول کان پوءِ هن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز استاد جي حيثيت سان ڪيو. 1909ع کان 1910ع تائين اسسٽنٽ ماستر رهيو، اتان بدلي ٿي ڪراچي ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. کيس ننڍي هوندي کان ئي شعر ۽ شاعريءَ سان شوق هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’فدا‘ هو. سندس ٻه ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ’ديوان فدا‘ ۽ ’بحث مسئله تناسخ‘ شامل آهن. هيءُ 1922ع ۾ وفات ڪئي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو